شري گرداس جو گردوارو، شڪارپور

شري گرداس جو گردوارو، شڪارپور

شري گرداس جو گردوارو شڪارپور

شري گرداس جو گردوارو، شڪارپور: شڪارپور شهر ۾ سِکن جي اهم عبادتگاهه ۽ ڌرمشالو آهي. ڀائي گرداس هڪ اداسي ساڌو هو، جنهن هتي سک مت ۽ گروگرنٿ صاحب (ڌرمي ڪتاب) جو پرچار ڪيو. سندس ئي نالي پٺيان هن ‘گردواري کي گردوارو ڀائي گرداس’ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اڄ به هتي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا گروگرنٿ صاحب جي اشلوڪن کي ڳايو ويندو آهي. گرداس (ديو) ڀائي صاحب، گروگرنٿ صاحب جي شلوڪن تي تشريحي حاشيه پڻ لکيا آهن، جيڪي گردواري جي عمارت تي هر هنڌ تحرير ٿيل آهن. هن گردواري ۾ هر روز سکن جي سنگت گڏ ٿيندي آهي ۽ لنگر پڻ هلندو رهي ٿو. گردواري/ ڌرمشالا جي عمارت سادي پر خوبصورت طرز تي تعمير ٿيل آهي. هي عمارتسازي جي لحاظ کان بنهه سادي سودي اڏاوت آهي. گردواري جي سامهون ورانڊو ٺهيل آهي، سا به ڪا نئين اڏاوت نظر ٿي اچي. ڀتين تي هنديءَ ۾ ڪي اکر لکيل آهن، جن لاءِ چون ٿا ته اهي گرداس ڀائيءَ جا لکيل آهن جيڪي گرنٿ صاحب مان ورتل آهن. اڳيان اڱڻ آهي. هڪ پاسي هڪ نموني جي اڏاوت آهي، جيڪا زمين کان ڪي 6-7 فوٽ مٿي آهي. ان جي مٿئين طبقي تي گول گنبذ جهڙي اڏاوت آهي جنهن تي ڪلس به ڏنل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو